SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


يوناني ڊراما


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

يوناني ڊراما

(Greek Drama)

ڊرامي جي شروعات قديم يونان کان ٿي.يونان جا ماڻھو ڊراما کي اعليٰ نظم (Great Poetry) سڏيندا ھئا. ڊراما سندن زندگيءَ ۾ مذھبي اھميت رکندو ھو.جيئن تھ يوناني مارو ماڻھو ھوندا ھئا ۽ مال چارڻ سندن اھم ڌنڌو ھو، ان ڪري زرخيزيءَ جو ديوتا ھنن لاءِ وڏي اھميت رکندو ھو. اھو ئي سبب اھي، جو يوناني ڊراما خاص طور تي الميھ ڊراما (Tragedy) جي شروعات مذھبي ميڙاڪن ۾ ٿي. ٽريجديءَ کي انھن ماڻھن ايجاد ڪيو، جيڪي ڊٿي ريمب (Dithyramb) يعني ”ٻڪري جو شعر“ چوندا ھئا ۽ ڪاميڊي انھن ايجاد ڪيو جيڪي فالڪ (Phallic) يعني لنگ جا ڀڄن کائيندا ھئا. يوناني ٽريجدي، ھڪ مذھبي ڊرامو ھو ۽ ڪڏھن بھ مذھب کان ازاد ٿي نھ سگھيو. ان سلسلي ۾ يوناني ماڻھو پنھنجي ديوتا ڊائيونيسس جي احترام ۾ ھڪ وڏي پنڊال جو اھتمام ڪندا ھئا. انھن مذھبي رسمن ۾ دعائن سان گڏ ھڪ گيت بھ کايو ويندو ھو، جنھن کي ڊٿي ريمب (Dithyramb) يعني ٻڪريءَ جو گيت چيو ويندو ھو. اھو ئي سبب اھي تھ يونان ۾ ٽريجڊيءَ جو مطلب اھي ”ٻڪريءَ جو گيت“ جيئن تھ ھن رسم ۾ ٻڪري کي قربان ڪيو ويندو ھو ۽ ان ڪري اھا رسم عبادت ۽ عقيدت سان گڏوگڏ المناڪ بھ ھوندي ھئي، ان ڪري ان کي ٽريجدي چيو ويندو ھو.


Remember Me Also:

پکاڙڻ

مصدر. صفائي ڪرڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal